ڪشمالا طارق جي پروٽول جي گاڏين سان حادثو، 4 ڄڻا فوت ، 2 زخمي

اسلام آباد : اسلام آباد جي ڪشمير هاءِ وي تي  ٿيل روڊ حادثي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، پوليس وفاقي محتسب ڪشمالا طارق جي مڙس کي گرفتار ڪري ورتو، اکين ڏٺن شاهدن  جو چوڻ آهي ته  حادثو جي اليون سگنل تي پروٽوڪول ۾ ويندڙ 5 گاڏين پاران سگنل ٽوڙڻ سبب پيش آيو. هڪ  فور ويلر گاڏِي ننڍي گاڏيءَ ۽ موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو جنهن سبب امير شڪيل ، فاروق  ۽ حيدرعلي سميت چار ڄڻا فوت ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا، فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي، گاڏين ۾ وفاقي محتسب ڪشمالا طارق جو مڙس ۽ پٽ به موجود هئا. پوليس ڪشمالا طارق جي مڙس وقاص خان کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته سندس ڊرائيور کي  به گرفتار ڪيو ويو.