سنڌ اسيمبلي ٽوڙڻ سان اليڪٽورل ڪاليج نه ٽٽندو آهي: مولانا فضل الرحمان

پشاور: پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي ٽوڙڻ سان اليڪٽورل ڪاليج نه ٽٽندو آهي، ان ڪري ضمني چونڊن ۽ سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو. پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته سينيٽ چونڊن بابت اسان کي حڪمت عملي طئي ڪرڻي پوندي، چونڊن ۾ حصو نه ورتو ته اهو به نااهلن سان ڀرجي ويندو. هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ سان جنگ نه پر شڪايت آهي ۽ شڪايت پنهنجن کان ئي هوندي آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ ۾ ڪرپشن ۾ اضافو ٿيو آهي، براڊ شيٽ حڪومت جي ڪارڪردگي جو پول کولي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن هن ملڪ کي بچائڻو آهي ته هن حڪومت کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ اهم آهي.