حڪومت پاران پيٽرول قيمتن ۾ اضافو ظالماڻو عمل آهي: شازيه مري

اسلام آباد: پ پ پارليامينٽرينز جي ترجمان شازيا مري چيو آهي ته حڪومت پاران پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ظالماڻو عمل آهي،پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ڪري عوام جي کيسي تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي.جاري ڪيل بيان ۾ پ پ اڳواڻ چيو ته وزير اعظم اعلان ڪيو آهي ته حڪومتي ايم اين ايز کي 50،50 ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا،قوم کي سليڪٽيڊ ۽ ظالم حڪومت جي خلاف ميدان ۾ لهڻو پوندو.هن چيو ته نااهل ۽ نالائق وزير اعظم قوم جو پئسو اڻ چونڊيل معاونن تي ضايع ڪري رهيو آهي، پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ خلاف پارليامينٽ ۽ رستن تي احتجاج ڪيو ويندو