تاجڪستان جي صدر پنهنجي ملڪ کي ڪورونا کان پاڪ قرار ڏئي ڇڏيو

دشنبي : وچ ايشيائي ملڪ تاجڪستان جي صدر پنهنجي ملڪ کي ڪورونا وائرس کان پاڪ قرار ڏئي ڇڏيو.
پارليامينٽ سان خطاب ڪندي تاجڪ صدر امام علي رحمان چيو ته تاجڪستان ۾ جنوري جي منڍ کان هيل تائين ڪورونا وائرس جو ڪو نئون ڪيس سامهون ناهي آيو.
پنهنجي تقرير دوران هن عوام کي تنبيهه به ڪئي ۽ چيو ان جو مطلب اهو ناهي ته توهان ڪنهن غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو، صحت ۽ صفائي جو مڪمل خيال رکيو وڃي ۽ ٻين ملڪن کان ايندڙن کي لازمي طور ٻه هفتا قرنطينه ۾ رهڻ گهرجي.
واضح رهي ته تاجڪستان جي آبادي 90 لک آهي، اتي ڪورونا سان متاثر ٿيندڙن جو انگ 13308 رهيو، جڏهن ته رڳو 90 ڄڻا فوت ٿيا.