بلاول ڀٽو زرداري جِي بي اعتمادي رٿ واري تجويز تي پي ڊي ايم ۾ ٿرٿلو

ڪراچي : بلاول ڀٽو زرداري جِي بي اعتمادي رٿ واري تجويز تي پي ڊي ايم ۾ ٿرٿلو مچي ويو ، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو مولانا فضل الرحمان سان رابطو، شاهد خاقان عباسي جي به مولانا فضل الرحمان سان ملاقات، پي ڊي ايم 5 فيبروري تي رٿيل جلسي جو هنڌ به تبديل ڪري ڇڏيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم جلسو راولپنڊي بدران مظفر آباد ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جلسي جو هنڌ تبديل ڪرڻ وارو فيصلو نواز ليگ جي درخواست تي ڪيو ويو.