ڀارتي ۽ چيني فوجين ۾ تازيون جهڙپون

نئين دهلي: ڀارت ۽ چين جي فوجين وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر جهڙپون ٿيون آهن، جنهن ۾ ٻنهي پاسن کان فوجي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.
اها ڳالهه ڀارتي ميڊيا ملٽري ذريعن جي حوالي سان ٻڌائي آهي ۽ چيو آهي ته اهي جهڙپون گذريل هفتي سِڪم رياست ۾ ناڪو لا جي سرحدي هنڌ ٿيون.
واضح رهي ته 6 مهينا اڳ پڻ سڪم سرحد تي ٿيندڙ هڪ جهڙپ ۾ 20 ڀارتي فوجي مارجي ويا هئا، جڏهن ته چيني فوجين کي نقصان پهچڻ جون خبرون به سامهون آيون هيون.
ڀارتي ملٽري ذريعن موجب هڪ چيني گشتي ٽيم ڀارتي حصي ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي ناڪام بڻايو ويو.
ياد رهي ته نڪو لا جي سرحد ڀارتي رياست سِڪم کي چيني علائقي تبت سان ملائي ٿي.