ڪراچي : وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ايپيڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو ، اجلاس ۾ ڪورڪمانڊر، ڊي جي رينجرز سوڌو صوبائي وزير ناصر شاهه، مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ وڏي وزير جو چوڻ هو ته ايپيڪس ڪميٽي جي فيصلن سان سٺا نتيجا مليا آهن، وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته صوبي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن، مختلف ادارن جي امن ۽ امان جي حوالي سان ايپيڪس ڪميٽي کي بريفنگ ڏني وئي.