پي ڊي ايم جي وفد چيف اليڪشن ڪمشنر آڏو پي ٽي آءِ فنڊنگ ڪيس بابت ياد دشتنامو جمع ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد : پي ڊي ايم جي وفد چيف اليڪشن ڪمشنر آڏو پي ٽي آءِ فنڊنگ ڪيس بابت ياددشتنامو جمع ڪرائي  ڇڏيو، چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات بعد نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال ۽ پ پ اڳواڻ راجا پرويز اشرف چيو آهي ته عمران خان پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ 6 سالن کان اين آر او تي هلي رهيو آهي، هن ڪيس تي فيصلو آيو ته عمران خان 24 ڪلاڪن ۾ نااهل ٿي ويندو، پي ٽي آءِ خلاف پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي جاچ جلد مڪمل ٿيڻ گهرجي، اُميد ته اليڪشن ڪميشن ڪيس کي شفاف نموني اُڪلائيندي.