پاڪ لين ڪيس: آصف زرداري جي احتساب عدالت ۾ ٽرائل فوري روڪڻ جي اپيل رد

اسلام آباد: هاءِ ڪورٽ پارڪ لين ڪيس ۾ آصف زرداري جي احتساب عدالت ۾ ٽرائل فوري طور تي روڪڻ واري اپيل رد ڪري ڇڏي. هاءِ ڪورٽ ۾ آصف علي زرداري جي پارڪ لين ڪيس ۾ نيب جي اختيارن واري دائري جي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. هاءِ ڪورٽ احتساب عدالت ۾ ٽرائل روڪڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي. وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ اپيل ڪئي ته هتي اختيارن وارو دائرو چيلينج آهي، سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس سنڌ منتقل ڪرڻ جون درخواستون ٻڌڻي هيٺ آهن، درخواستن تي فيصلي تائين نيب کي احتساب عدالت ۾ شاهديون ريڪارڊ ڪرائڻ کان روڪيو وڃي. جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏنا ته شاهديون ريڪارڊ ٿيڻ ڏيو نيب کي ڪهڙو 30 ڏينهن ۾ ئي فيصلو ڪرائڻو آهي، الميو اِهو آهي ته نيب ڪيسن تي وقت تي فيصلو ئي ناهي ٿي سگهندو. نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباسي چيو ته اسان هڪ ڪيس ۾ 10 شاهدن جا بيان ريڪارڊ ڪرايا پر هي وڪيل جرح ئي نه پيو ڪري، اختيارن واري دائري بابت بلال شيخ جي درخواست به آصف زرداري سان گڏ مقرر ڪئي وڃي.