آمريڪي نائب صدر مائيڪ پينس کي قتل جون ڌمڪيون ملڻ لڳيون

واشنگٽن: صدر ٽرمپ جا حامي ۽ ڪجهه انتهاپسند آمريڪي نائب صدر مائيڪ پينس کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب نائب صدر کي ڌمڪيون نئين چونڊيل صدر جوبائيڊن کي چونڊن ۾ فتح جي توثيق ڪرڻ تي ڏنيون پيون وڃن.ٻئي طرف نئين چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن جي حلف برداري کان اڳ واشنگٽن سميت آمريڪا ۾ سيڪيورٽي الرٽ آهي. آمريڪا ۾ هزارين سيڪيورٽي اهلڪار مقرر آهن.جڏهن ته گادي واري شهر واشنگٽن ۾ لاڪ ڊائون جي صورتحال آهي. ڪيترائي اهم روڊ ۽ رستا بند آهن. ويڪ اينڊ تي واشنگٽن ڊي سي سميت ٻين اهم شهرن ۾ ڪنهن به قسم جو اڻوُندڙ واقعو پيش ناهي آيو.امڪاني احتجاج کي نظر ۾ رکندي مشي گن، ورجينيا، وسڪوئسن، پينسلوينيا ۽ واشنگٽن سميت ڪيترين ئي رياستن ۾ نيشنل گارڊ به مقرر آهن.ياد رهي ته نئين چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن جي حلف برداري تقريب 20 جنوري تي ٿيندي.