حريم شاهه، مفتي عبدالقوي کي چماٽ وهائي ڪڍي، ويڊيو وائرل

ڪراچي : ٽڪ اسٽار حريم شاهه چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي اڳوڻي ميمبر مفتي عبدالقوي کي چماٽ وهائي ڪڍي.
سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ مفتي عبدالقوي کي هڪ عورت چماٽ هڻي رهي آهي.
ويڊيو ۾ موجود عورت بابت مختلف اڳڪٿيون ڪيون ويون پر هاڻ ٽڪ اسٽار حريم شاهه اعتراف ڪيو آهي ته هن مفتي عبدالقوي کي چماٽ هنئي آهي.
حريم شاهه پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تان ويڊيو شيئر ڪندي اهڙي تصديق ڪئي ۽ چيو ته مان مفتي عبدالقوي کي چماٽ ڇو هنئي، ان جو جواب جلد سڀني کي ملي ويندو.