افغانستان ۾ سپريم ڪورٽ جون ٻه عورت ججز قتل

ڪابل : افغان تخت گاهه ڪابل ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن عورت ججن کي ماري ڇڏيو.
افغانستان جي سپريم ڪورٽ جي ترجمان احمد فهيم قاوم اڄ آچر ڏينهن ڪابل ۾ ٻڌايو ته اهي ٻئي عورتون ملڪي سپريم ڪورٽ جون اهلڪار هيون.
ترجمان موجب کين ان وقت نشانو بڻايو ويو، جڏهن اهي ڪابل ۾ پنهنجي آفيس ڏانهن سفر ۾ هيون.
هوڏانهن افغان پرڏيهي وزارت به تصديق ڪئي آهي ته واقعي ۾ ٻه عورتون مارجي ويون ۽ ٽين زخمي ٿي آهي پر انهن جي سڃاڻپ ظاهر ناهي ڪئي وئي.
واضح رهي ته اهڙي حملي جي اڃا تائين ڪنهن به گروپ ذميواري قبول ناهي ڪئي.