ترڪ صدر رجب طيب اردوان ڪورونا وائرس جي ويڪسين هڻائي ڇڏي

انقره: ترڪي جي صدر رجيب طيب اردوان ڪورونا وائرس جي ويڪسين هڻائي ڇڏي.
ترڪ ميڊيا موجب راڄڌاني انقره جي سٽي اسپتال ۾ ترڪ صدر کي ڪورونا وائرس جي ويڪسين جي پهرين خوراڪ ڏني وئي.
ترڪي ۾ چيني ڪمپني جي تيار ڪيل ويڪسين عوام کي ڏيڻ وارو عمل جاري آهي ۽ پهرين مرحلي ۾ اڍائي لک هيلٿ ورڪرز کي ويڪسين هني وئي.
ترڪ صدر جو چوڻ هو ته مون پارٽي جي سينيئر ميمبرن سڀني کي اِها ويڪسين هڻائي آهي.