شهزاد اڪبر نواز ليگ ايم پي اي عظميٰ بخاري کي هرجاڻي نوٽيس اُماڻي ڇڏيو

اسلام آباد: احتساب بابت وزيراعظم جَي صلاحڪار شهزاد اڪبر نواز ليگ ايم پي اي عظميٰ بخاري کي هرجاڻي نوٽيس اُماڻي ڇڏيو، نوٽيس ۾ شهزاد اڪبر چيو آهي ته عظميٰ بخاري ٽي وي شو ۾ مٿس بي بنياد الزام هنيا، يا الزام ثابت ڪري يا معافي وٺي، ٻي صورت ۾ ساک کي ڇيهو رسائڻ تي 50 ڪروڙ رُپيا هرجاڻو ادا ڪري، شهزاد اڪبر چيو آهي ته هرجاڻي جي رقم خيراتي ادارن کي ڏني ويندي.