اسلام آباد جو نئون آءِ جي پوليس گردي جو شڪار اساما ستي جي گهر پهتو

اسلام آباد: نئون مقرر ٿيل آءِ جي پوليس گردي جو شڪار اساما ستي جي گهر پهچي ويو. اسلام آباد جو آءِ جي جميل الرحمان ، ڊي آءِ جي آپريشنز سان گڏ اساما ستي جي گهر پهچي ويو ۽ پونئرن سان ملاقات ڪري تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي آءِ جي چيو ته پوليس مقتول جي خاندان سان گڏ آهي ۽ انهن کي مڪمل انصاف فراهم ڪيو ويندو. هن واضح ڪيو ته اساما قتل ڪيس جي جاچ ۾ انصاف جي سمورين گهرجن کي سامهون رکيو پيو وڃي، جڏهن ته ملوث پنجن پوليس اهلڪارن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويو آهي…..