آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مواخذي لاءِ ڊيموڪريٽس 4 صفحن تي ٻڌل مسودو تيار ڪري ورتو

نيويارڪ: امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مواخذي لاءِ ڊيموڪريٽس چئن صفحن تي ٻڌل مسودو تيار ڪري ورتو، سومر تي امريڪي سينيٽ ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان، امريڪي ميڊيا موجب مسودي ۾ چيو ويو آهي ته ٽرمپ ڄاڻي واڻي امريڪين کي ڪيپيٽل هل تي حملي جي لاءِ ڀڙڪايو،ٽرمپ امريڪي ادارن ۽ قومي سلامتي لاءِ وڏو خطرو آهي، کيس فوري صدارت تان هٽايو وڃي،ٽرمپ کي مسودي کان آگاهه به ڪيو ويو.