آمريڪي ڪانگريس جوبائيڊن جي کٽڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

واشنگٽن: آمريڪي ڪانگريس ڊيموڪريٽڪ اميدوار جوبائيڊن جي کٽن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
ڪانگريس ڪيپيٽل هل ۾ هنگامن باجود گڏيل اجلاس کانپوءِ نئين چونڊيل صدر جوبائيڊن جي کٽڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جوبائيڊن آمريڪا جو ايندڙ صدر ۽ ڪمالا هيرس نائب صدر هوندي ، حلف برداري تقريب 20 جنوري تي ٿيندي جنهن کانپوءِ ڊيموڪرٽڪ اميدوار جوبائيڊن آمريڪا جو 46 هون صدر ٿي ويندو.