سنڌ ۾ اڄ وڌيڪ 17ڪورونا جا مريض فوت ٿي ويا

ڪراچي : سنڌ ۾ اڄ وڌيڪ 17ڪورونا مريض فوت ٿي ويا، ڪورونا وائرس جي صورتحال تي وڏي وزير مراد علي شاهه بيان جاري ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 1265نوان ڪيس رپورٽ ٿيا  آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران  2385 ڪورونا مريض صحتياب  ٿي ويا، هن وقت 17295مريض  علاج هيٺ آهن.