سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻيٽن تي قبضا ٿيڻ نه ڏينداسين: اختر مينگل

ڄامشورو: بي اين پي سربراهه اختر مينگل چيو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻيٽن تي قبضا ٿيڻ نه ڏينداسين، لانگ مارچ جي حوالي سان 2جنوري تي اسلام آباد ۾ اهم اجلاس ٿيندو، لانگ مارچ کان اڳ ئي پي ٽي آئي جي حڪومت گهر ڀيرو ٿي ويندي، صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته محترمه جي ورسي ۾ پي ڊي ايم جا سمورا اڳواڻ شرڪت ڪندا، پي ڊي ايم اڳواڻن کي غداري جا سرٽيفڪيٽ ڏيڻ تي پي ٽي آئي کي ڀليڪار چئون ٿا.