نائجر ۾ فوجي گاڏي تي حملو، 7 سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا

نيامي : آفريقي ملڪ نائجر جي اولهه حصي ۾ هڪ فوجي گاڏي تي حملي جي نتيجي ۾ 7 فوجي مارجي ويا.
نائجر جي فوج طفان جاري ڪيل بيان موجب تيلابيري جي علائقي ۾ موٽر سائيڪلن تي سوار دهشتگردن هڪ فوجي گاڏي کي نشانو بڻايو.
بيان ۾ ٻڌايو ويو ته حملي ۾ 7 سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ 11 دهشتگردن کي ماريو ويو.
واضح رهي ته نائجر ۾ هلندڙ هفتي جي پڄاڻي تي صدارتي ۽ پارلياماني چونڊون ٿيڻيون آهن.