آصف علي زرداري جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور

اسلام آباد : اسلام آباد جي احتساب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي. احتساب عدالت ۾ٺٽو واٽر سپلاءِ ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ آصف زرداري ۽ ٻين جوابدارن جي وڪيلن طرفان نيب جي شاهد طارق مجيد تي جرح مڪمل ڪئي، جنهن بعد عدالت ٺٽو واٽرسپلاءِ ريفرنس جي وڌيڪ ٻڌڻي 12 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.