مصباح الحق ٽيم جي ڪارڪردگي مان خوش

نيپيئر : قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق چيو آهي ته مان ٽيم جي ڪارڪردگي مان ڏاڍو خوش آهيان.
نيپيئر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مصباح الحق چيو ته ٽي ٽوئنٽي سيريز اسان لاءِ ٽف هئي، تياريءَ لاءِ رڳو 6 ڏينهن مليا، ٽين ميچ ۾ ڪاميابي سان اعتماد وڌيو آهي، فتح ۾ سڀني حصو وڌو.
هن چيو ته محمد رضوان دٻاءَ ۾ سٺي راند کيڏي، آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڪاميابي سان جيڪو اعتماد وڌيو آهي، ٽيسٽ سيريز ۾ به ان ئي اعتماد سان کيڏنداسين.
سندس چوڻ هو ته ٽيم جي ڪارڪردگي مان مطمئن آهيان، ٽيسٽ سيريز کان اڳ ٽيم جي تياري بهتر آهي.