ٽي ٽوئنٽي سيريز پاڪستان پاران ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو

ويلنگٽن: پاڪستان نيوزيلينڊ جي خلاف ٽئين ٽي 20 ۾ به ٽاس کٽي ورتو آهي ٽئين ميچ ۾ شاداب خان ماضي جي ابتڙ پهريان  بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ڪپتان شاداب خان ٻڌايو آهي ته نيوزيلينڊ جي خلاف ٽئين ٽي ٽوئنٽي لاءِ ٽيم ۾ 3 تبديليون ڪيون ويون آهن. عبدالله شفيق، عماد وسيم ۽ وهاب رياض کي ڊراپ ڪيو ويو آهي.

قومي ٽيم ۾ حسين طلعت، محمد حسنين ۽ افتخار کي ه شامل ڪيو ويو اهي. ميزبان ٽيم کي سيريز ۾ ٻه ٻڙي جي برتري حاصل آهي.

اڄ جي ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي سوڀ سان پاڪستان کي وائٽ واش کي منهن ڏيڻو پوندو. قومي ٽيم ۾ ٻن کان ٽن تبديلين جو امڪان آهي.

عبدالله شفيق ۽ وهاب رياض کي ڊراپ ڪرڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته خوشدل شاهه به پليئنگ اليون کان آئوت ٿي سگهي ٿو.