حيدرآباد ۾ ڪورونا وائرس جِي پکيڙ روڪڻ لاءِ 10 يوسيز ۾ 10 ڏينهن لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳائڻ جو اعلان

حيدرآباد :حيدرآباد ۾ ڪورونا وائرس جِي پکيڙ روڪڻ لاءِ 10 يوسيز ۾ 10 ڏينهن لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو،جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن موجب قاسم آباد جِي چئن ۽ لطيف آباد جِي 5 يوسيز جَي مختلف علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳندو، ڪينٽ يوسي جَي ضياءُ الدين روڊ وارَي علائقي ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جون تياريون، نوٽيفڪيشن موجب سمارٽ لاڪ ڊائون 19 کان 28 ڊسمبر تائين لاڳو هوندو، متاثر علائقن ۾ سموريون مارڪيٽس، شاپنگ مالز، ريسٽورنٽس ۽ آفيسون بند رهنديون، ايمرجنسي کانسواءِ اچ وڃ بند رهندي، هر قسم جَي ميڙاڪن تي پابندي لاڳو، ضروري ڪمن لاءِ گهران نڪرندڙ شهرين لاءِ ماسڪ پائڻ لازمي قرار ڏنو ويو.