پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي متحده عرب امارات روانو، اهم اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي متحده عرب امارات جي ٻن ڏينهن جي دوري تي دبئي پهچي ويو.

دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ  پهچڻ تي دبئي ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل احمد امجد علي، سفارتخاني جي سينئر آفيسرن ۽ اماراتي پرڏيهي وزير جي سينئر اختيارين پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي.

پرڏيهي وزير پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري دوران متحده عرب امارات جي اعليٰ اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو جن ۾ ٻطرفن لاڳاپن، پاڪستان ۽ متحده عرب امارات وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي هٿي ڏيڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي متحده عرب امارات ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي سان ملاقات ڪندو. اميد آهي ته پرڏيهي وزير جي هن دوري سان پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. پرڏيهي وزير جو اهو دورو  مسلمان ملڪن سان گڏ اعليٰ سطحي رابطن کي هٿي ڏيارڻ لاءِ اهم قدم آهي.