سنڌ ڪابينا قطر جي شهزادي کي سجاول ۽ جاتي ۾ شڪار جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ ڪابينا هڪ لک 5 هزار ڊالرز عيوض قطر جي شهزادي کي سامونڊي پٽي واري علائقي ۾ ناياب جانورن جي شڪار جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي ٿيل اجلاس دوران قطر جي شهزادي طرفان وفاقي حڪومت معرفت جاتي ۾ شڪار لاءِ اماڻيل درخواست تي غور ويچار ڪيو ويو. سنڌ ڪابينا موجب جهنگلي جيوت ۽ ٻيلي کاتي پاران هلندڙ سال شڪار جي اجاقزت لاءِ هڪ لک 5 هزار ڊالر في مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪا پهريان هڪ لک ڊالرز هوندي هئي. پڌرائي موجب قطري شهزادي سجاول ۽ جاتي تعلقي اندر شڪار جي اجازت لاءِ درخواست ڪئي هئي، سنڌ حڪومت لاڳاپيل قانوني گهرجن تي عمل ڪندي شڪار جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.