حڪومت مخالف اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي

اسلام آباد : حڪومت مخالف اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي، لاهور جلسي بابت اهم فيصلا ڪيا ويندا،  قمر زمان ڪائره چيو آهي ته وزيراعظم کي گهر اماڻڻ لاءِ استعيفائون ڏيڻيون پيون ته به ڏينداسين، خواجه آصف چيو آهي ته اي پي سي ۾ طئي ٿيو هو ته تحريڪ عروج تي پهچڻ بعد استعيفائون ڏنيون وينديون، اهڙو فيصلو ٿيو ته قوم کي خبر پئجي ويندي.