نوشهرا ۾ مسافر ڪوچ سان حادثو، 7 ڄڻا فوت، 12 زخمي

نوشهره: نوشهره ۾ مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر جي ٽڪر ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا. ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر نجم الحسنين موجب نظام پور ويندڙ مسافر ڪوچ دروازگئي ڀرسان ٽرالر سان ٽڪرجي پئي. هن ٻڌايو ته حادثي ۾ عورت ۽ ٻار سميت 7 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 12 زخمي ٿي پيا آهن، جن مان ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. سندس چوڻ هو ته لاشن ۽ زخمين کي قاضي ڪامپليڪس نوشهرا اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو آهي.