ڪراچي ۾ ٻيٽن تي قبضي خلاف ۽ گم ٿيل ماڻهن جي آزادي لاءِ ريلي

ڪراچي: ڪراچي ۾ ٻيٽن تي قبضي ۽ گم ٿيل ماڻهن جي آزادي لاءِ عوامي ورڪر پارٽي پاران ريلي ڪڍي وئي، ريگل چوڪ کان ريلي ڪڍي ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ريلي ۾ سوين ڪارڪن، عورتون ۽ شاگرد توڙي پوهيت تنظيمن جا اڳواڻ شريڪ ٿيا، اڳواڻن جو چوڻ هو ته ٻيٽ سنڌ جي مليڪت آھن، وفاق سنڌ جي ٻيٽن تي غيرقانوني قبضو ڪيو آھي.