جرمني ۾ شرابيءَ ڪار واٽهڙن مٿان چاڙهي ڇڏي، هڪ ٻارڙي سميت پنج ڄڻا اجل جو شڪار

جرمني جي شهر ۾ هڪ شخص ڪار واٽهڙن مٿان چاڙهي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙي سميت 5 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب جرمني شهر ٽريئر ۾ هڪ ماڻهوءَ پنهنجي ڪار واٽهڙن مٿان چاڙهي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙي سميت 5 ڄڻا موت جي حوالي ٿي ويا.
پوليس گاڏي پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏي ۽ ڊرائيور کي گرفتار ڪيو، جنهن جي عمر 51 سال آهي ۽ گرفتار شخص جرمن شهري آهي، ڊرائيور نشي جي حالت ۾ هو، هن جي خون ۾ الڪوحل جي سطح 1.4 آءِ آهي جڏهن ته هو ذهني دٻاءَ جو شڪار به معلوم ٿئي ٿو، پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.