اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي ڪابه تجويز غور هيٺ نه آهي: پاڪستان

اسلام آباد: پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي ڪابه تجويز غور هيٺ نه آهي، اسرائيل جي مامري تي پاڪستان جي پاليسي واضح آهي: پرڏيهي ترجمان جي هفتيوار بريفنگ ۾ چيو ويو ته وزيراعظم جو افغانستان وارو دورو اهميت رکي ٿو، افغانستان ۾ امن خطي جي مفاد ۾ آهي.