جو بائيڊن جي صدارت ۾ لاڳاپا متاثر نه ٿيندا: سعودي عرب

واشنگٽن : سعودي پرڏيهي وزير عادل الجبير چيو آهي اسان اميد ٿا رکون ته جو بائيڊن جي صدارت ۾ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا متاثر نه ٿيندا.
آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين تي ڳالهائيندي عادل الجبير اهڙي تاثر کي رد ڪري ڇڏيو ته جو بائيڊن جي صدارتي دور ۾ واشنگٽن ۽ رياض جا لاڳاپا بگڙي سگهن ٿا.
هن چيو ته آمريڪي صدر سان هڪ دوست طور ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي، اهو ڀلي ڊيموڪريٽڪ جو هجي يا ريپبلڪن ڪو فرق نٿو پئي.