ڏکڻ وزيرستان: ڪيڊٽ اسپنڪئي ۾ نيشنل تائيڪوانڊو چيمپئن شپ

وزيرستان ۾ راندين جي سرگرمين ۾ اضافو ٿيڻ لڳو آهي، ڪيڊٽ ڪاليج اسپنڪئي ڏکڻ وزيرستان ۾ نينشل تائيڪوانڊو چيمپئن شپ جو بندوبست ڪيو ويو.
ايونٽ ايف سي خيبرپزتونخواهه سائوٿ طرفان ٿيو جنهن ۾ نوجوانن جو وڏو انگ شريڪ ٿيو، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ايونٽ ۾ چئن ئي صوبن، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد جي 8 ٽيمن جي 200 کان وڌيڪ ايٿليٽس وزيرستان ۾ پنهنجي نوعيت جي سڀ کان وڏي پهرئين تائيڪوانڊو ايونٽ ۾ حصو ورتو.
خيربپختونخواهه جي ٽيم رنزاپ ٽرافي حاصل ڪئي، پروگرام جو مقصد مقامي نوجوانن کي قومي سطح تي ٻين صوبن جي رانديگرن کي برابر جو مو قعو ڏيڻ هو.