انشاء الله مهانگائي تي وڌيڪ ضابطو آڻينداسين: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان مهانگائي تي وڌيڪ ضابطو آڻڻ جو عزم ڪيو آهي.

ٽوئٽر تي جاري بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ننڍي کنڊ جي ٻين حصن جي صورتحال جي ابتڙ اسان جو سينسيٽيو پرائيس انڊيڪس ٻئين هفتي به اگهن ۾ لاٿ جي خبر ڏئي رهيو آهي.

وزيراعظم عزم جو اظهار ڪيو ته انشاء الله اسان مهانگائي کي وڌيڪ ضابطو آڻينداسين.