ملڪ ۾ ڪرونا جي ٻي لهر، وڌيڪ17 مريض فوت، 2165 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪرونا وائرس تي ڪنٽرول نه ٿيو،ٻئي لهر دوران ڏينهون ڏينهن صورتحال خراب ٿي رهي آهي،هڪ دوران ڪرونا وگهي وڌيڪ 17 مريض فوت ٿي ويا،جڏهن ته فوتين جو انگ 7 هزار 109 ٿي ويو.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 2هزار 165نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن،جنهن بعد متاثرن جو انگ وڌي انگ 3 لک 54 هزار 461 ٿي ويو.سنڌ ۾ مريضن جو تعداد هڪ لک 53 هزار 873، پنجاب ۾ هڪ لک 9 هزار 309، ڪي پي ۾ 41 هزار 723، اسلام آباد ۾ 23 هزار 533، بلوچستان ۾ 16 هزار 328، آزاد ڪشمير ۾ 5 هزار 261 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 434 ٿي ويو..اين سي او سي مطابق هيل تائين 3 لک 22 هزار 414 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ وڌي 24 هزار 938 ٿي ويو