پاڪستان ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ زمبابوي کي ڪلين سوئيپ ڪري ورتو

راولپنڊي : پاڪستان ٽين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ به زمبابوي کي شڪست ڏئي سيريز ۾ ڪلين سوئيپ ڪري ورتو.
راولپنڊي ۾ زمبابوي جي ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو ۽ سڄي ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 129 رنسون ٺاهي سگهي.
مهمان ٽيم طرفان ڪپتان چبابا 31، تريپانو 28، شمبا ۽ ويلنگٽن مساڪاڊزا 11-11 رنسون ٺاهيون، ٻين رانديگرن مان ڪو ڊبل فگر ۾ به نه پهچي سگهيو.
پاڪستان طرفان عثمان قادر بهترين بالنگ ڪرائيندي 4 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته عماد وسيم 2 شڪار ڪيا.
جواب ۾ قومي ٽيم گهربل هدف 15.2 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
پاڪستان طرفان فخر زمان 21 ۽ حيدر علي 27 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته خوشدل شاهه 36 ۽ عبدالله شفيق 41 رنسن سان ناٽ آئوٽ موٽيا.
قومي ٽيم آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ زمبابوي کي 8 وڪيٽن سان شڪست ڏئي سيريز ۾ ڪلين سوئيپ ڪري ورتو.
عثمان قادر کي ميچ توڙي سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.