عمري جي سعادت لاءِ سعودي عرب ويندڙ پانڌيئڙن لاءِ سفري پاليسي جو اعلان

اسلام آباد: پي آءِ اي عمري جي سعادت لاءِ سعودي عرب ويندڙ پانڌيئڙن لاءِ سفري پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو، پاڪستان مان جدي ۽ مدينه منوره ويندڙ پانڌيئڙن لاءِ جاري ٿيل پاليسي 31 ڊسمبر کان لاڳو هوندي، نئين پاليسي موجب ڪراچي کان سعودي عرب تائين اڪانومي ڪلاس ۾ اچ وڃ جو ڀاڙو 91 هزار رُپيا مقرر، پانڌيئڙا پاڻ سان گڏ 36 ڪلو سامان کڻي سگهندا، زم زم جو پاڻي 5 لِٽر تائين کڻڻ جي به اجازت، پي آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته عمري جون ٽڪيٽس پي آءِ اي جي نيٽ ورڪ تي وڪري لاءِ دستياب آهن.