سنڌڙي ڀرسان پسند پرڻي تان قتل ٿيل فهميده شر جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي

سنڌڙي: سنڌڙي ڀرسان پسند جي شادي تي فهميده شر کي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، قتل واري واقعي کان اڳ راڄوڻي ذريعي عورت کي بااثر وڏيري ۽ وارثن حوالي ڪرڻ جي تصديق، پوليس 10 ڏينهن گذرڻ باوجود قتل ڪيس ۾ نامزد 5 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام، ذريعن جو چوڻ آهي ته بااثر ڌُرين جي دٻاءُ بعد پوليس ڪيس لوڙهڻ جي ڪوششن ۾ لڳي وئي، گرفتار 3 جوابدار غلامون شر، اسماعيل ۽ مولا بخش شر جيل حوالي، ميرپور خاص جي عدالت طرفان جوابدارن جو 14 ڏينهن لاءِ عدالتي رمانڊ منظور ڪيو ويو.