نواز شريف سرڪاري پلاٽ جي غيرقانوني الاٽمينٽ واري ريفرنس ۾ به اشتهاري قرار

لاهور:اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف سرڪاري پلاٽ جي غيرقانوني الاٽمينٽ واري ريفرنس ۾ به اشتهاري قرارڏنوويوآهي، لاهور جي احتساب عدالت نواز شريف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽس جاري ڪندي سندس ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، نيب ۽ پنجاب جي روينيو کاتي کان نواز شريف جِي ملڪيت ضبط ڪرڻ بابت رپورٽ طلب، عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته نواز شريف جا طلبي اشتهار جاري ٿيا، پر 30 ڏينهن گذرڻ باوجود عدالت آڏو پيش نه ٿيو، جوابدار نواز شريف جي عدم پيشي ۽ طلبي جي اشتهارن بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي، ٻڌڻي 26 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.