والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ، 2 نوجوان شهيد

سري نگر: والاريل ڪشمير ۾ قابض فوج فائرنگ ڪري وڌيڪ 2 ڪشميرين  کي شهيد ڪري ڇڏيو.

ڪشمير ميڊيا سروس(ڪي ايم سي) موجب ڀارتي قابض فوج جي والاريل  ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي جاري آهي. ڀارتي فوج والاريل ڪشمير جي صلعي شوپيان ۾ نام نهاد اپريشن جي آڙ ۾ فائرنگ ڪري وڌيڪ 2 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو.

شهادتن کان پوءِ علائقي ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي. جڏهن ته شهرين طرفان ڀارتي قابض فوج جي خلاف احتجاج به ڪيو ويو.