بلاول کي گلگت ڇڏڻ جو حڪم عدالت ۾ چيلينج ڪرڻ جو فيصلو

اسڪردو : پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي گلگت ڇڏڻ جي عدالتي حڪم کي عدالت ۾ چيلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.پ پ جي پڌرائي موجب امجد ايڊووڪيٽ پ پ پاران گلگت جي چيف ڪورٽ جي فيصلي خلاف درخواست داخل ڪرائيندو.وڪيل چيو ته گلگت بلتستان جي عدالت جو فيصلو غير قانوني ۽ غير آئيني آهي،چيف ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم بينچ ۾ چيلينج ڪنداسين.واضح رهي ته گذريل ڏينهن گلگت بلتستان جي چيف ڪورٽ بلاول ڀٽو زرداري، مريم نواز ،ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي ٽن ڏينهن اندر گلگت ڇڏڻ جو حڪم ڏنو هو.ان کان اڳ ۾ گلگت بلتستان جو چيف اليڪشن ڪمشنر پڻ بلاول ڀٽو زرداري تي اليڪشن ضابطن جي ڀڃڪڙين جو الزام مڙهي چڪو آهي.