آمدني کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ۾ نواز ليگ اڳواڻ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدرجي ضمانت ۾ واڌ

پشاور : پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيلن جي احتجاج سبب رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر خلاف ريفرنس تي ٻڌڻي نه ٿي، عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ۾ نواز ليگ اڳواڻ جي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر چيو آهي ته نيب چيئرمين مان جان کي خطرو آهي، حيات آباد ۽ لاهور ۾ نيب چيئرمين خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي، نيب کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، وقت اچي ويو آهي ته قانون ۾ ترميم ڪري نيب آفيسز کي يونيورسٽيز ۾ تبديل ڪيو وڃي، 22 نومبر تي پشاور ۾ پي ڊي ايم جو جلسو ضرور ٿيندو، جلسي دوران ڪجهه به ٿيو ته گهرو وزير اعجاز شاهه خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.