آءِ ايم ايف پاران پاڪستان کي گردشي قرضن جي ادائگي لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جي تجويز

ڪراچي : آءِ ايم ايف پاڪستان کي گردشي قرضن جي ادائگي لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي، عالمي مالياتي اداري مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان توانائي شعبي جي گردشي قرضن ۾ هڪ هزار ارب رُپين جي گهٽتائي آڻي، اُن جي ادائگي لاءِ بجلي جي اگهن ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ گهرجي، ٻيو آپشن آهي ته پاڪستاني حڪومت پنهنجي وسيلن مان گردشي قرضن جي مد ۾ هڪ هزار ارب رُپيا دا ڪري، ملڪ ۾ هن وقت گردشي قرضن جو ڪاٿو 2 هزار 266 ارب رُپيا آهي، ادائگي کان اڳ آءِ ايم ايف سان پروگرام شروع نه ٿيڻ جا امڪان آهن.