فرانس ۾ گستاخانه خاڪا شايع ڪرڻ خلاف سينيٽ ۾ مذمتي ٺهراءُ اتفاقِ راءِ سان منظور

اسلام آباد : فرانس ۾ گستاخانه خاڪا شايع ڪرڻ خلاف سينيٽ ۾ مذمتي ٺهراءُ اتفاقِ راءِ سان منظور ڪيو ويو. فرانس ۾ حڪومتي سرپرستي هيٺ گستاخ خاڪن جِي ڇَپائِي ۽ اسلامو فوبيا جَي وڌندڙ رجحان جِي شديد مذمت ڪئي وئي. ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته حڪومتي سرپرستي ۾ اهڙا قدم مذهبن ۾ وِڇوٽيون پيدا ڪندا. حضرت محمد ﷺ لاءِ اسان جِي محبت اسان جَي ايمان جو حصو آهي، ڪو به مسلمان سندس شان ۾ گستاخي برداشت نه ڪندو. عالمي برداري اهڙا قدم روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي قومي اسيمبلي ۾ مذمتي ٺهراءُ پيش ڪري ڇڏيو، پاڪستان گستاخ خاڪن ۽ فرانسيسي صدر جَي اسلام مخالف بيان خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو. فرانسيسي سفير کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري احتجاجي خط سندس حوالي ڪيو ويو.