ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول ڪراچي کان لاهور منتقل ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: 26 آڪٽوبر کان رحيم يار خان، قلات ۽ ڪوئيٽا سميت ٻين شهرن جو ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول ڪراچي کان لاهور ايريا ڪنٽرول کي منتقل ڪيو ويندو.
سول ايوي ايشن اٿارٽي (سي اي اي) ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول جي لاءِ نئين منصوبابندي ڪري ورتي آهي، ۽ ايئر ٽريفڪ جو ڪنٽرول ڪراچي کان لاهور منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته 26 آڪٽوبر کان رحيم يار خان، قلات ۽ ڪوئيٽا، سکر ۽ بهاولپور سميت ٻين شهرن جو ايئر ٽريفڪ ڪراچي کان لاهور ايريا ڪنٽرول کي منتقل ڪيو ويندو.
ذريعن موجب هن وقت رحيم يار خان، قلات، ڪوئيٽا، سکر ۽ بهاولپور کان ويندڙ هوائي ٽريفڪ ڪراچي کان ڪنٽرول ٿي رهي آهي، پر هاڻ 26 آڪٽوبر کان ڪنٽرول منتقل ٿيڻ کان پوءِ رحيم يار خان، قلات ڪوئيٽا کان گذرندڙ ايئر ٽريفڪ کي لاهور مان ڪنٽرول ڪيو ويندو، ڊائريڪٽر آپريشنز اي اي 26 آڪوٽبر تي افتتاح ڪندو.