پوليس سان جهيڙي سبب گرفتار ليگي اڳواڻ نهال هاشمي ۽ سندس پٽن جي ضمانت منظور

ڪراچي: پوليس سان جهيڙو ڪرڻ ۽ سرڪاري ڪم ۾ مداخلت جي الزام ۾ گرفتار(ن) ليگ جي اڳواڻ نهال هاشمي ۽ ان جي ٻن پٽن جي ضمانت واري درخواست منظور ٿي وئي.

ڪراچي ۾ (ن) ليگ جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پٽ پاران پوليس اهلڪارن سان بدتميزي جو واقعو سامهون آيو هو جنهن تي پوليس نهال هاشمي ۽ ان جي پٽن کي گرفتار ڪري ٽنهي جي خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو هو. اڄ پوليس پاران نهال هاشمي ۽ ان جي ٻن پٽن کي جوڊيشل ميجسٽريٽ شرقي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي پوليس اهلڪارن سان بدتميزي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

عدالت نهال هاشمي ۽ ان جي پٽن جي ضمانت 20-20 هزار روپين جي مچلڪن عيوض منظور ڪري ورتي. ضمانت  منظور ٿيڻ کان پوءِ نهال هاشمي وڊيو بيان ۾ چيو ته اسان ٿاڻي آياسين ته ايس ايڇ يونيفارم ۾ نه هو پوليس مون کي ۽ منهنجي گهر واري کي ڏڪا ڏنا جنهن سبب منهنجي گهر واري زخمي ٿي پئي. 

ليگي اڳواڻ چيو ته پوليس وارا اصل وڊيو ڏيکارين جنهن ۾ هو  منهنجي پٽن ۽ زال سان بدسلوڪي ڪري رهيا آهن. صحافين سان ڳالهيون ڪندي نهال  هاشمي جي گهر واري ڊاڪٽر نشاط فاطمه جو چوڻ هو ته پوليس جي تشدد سان مون کي به ڌڪ لڳا آهن.

هوڏانهن نهال هاشمي جي وڪيلن جو چوڻ آهي ته ڪيس داخل ڪرڻ جي لاءِ اسان به درخواست ڏني آهي جنهن کي پوليس وصول نه ڪيو.