آءِ سي سي ملازمن ۾ ڪورونا وائرس جي موجودگي کان پوءِ هيڊ ڪوارٽر بند

لاهور: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل(آءِ سي سي) جي هيڊ ڪوارٽر ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس ظاهر ٿيڻ کان پوءِ ان کي ڪجهه ڏينهن لاءِ بند ڪيو ويو آهي.ميڊيا رپورٽ موجب آءِ سي سي ترجمان جو چوڻ آهي ته دبئي ۾ آءِ سي سي هيڊ ڪوارٽر ۾ ڪجهه ملازمن جا ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيا آهن.ميڊيا رپورٽ موجب آءِ سي سي جي ترجمان چيو آهي ته دبئي ۾ آءِ سي سي هيڊ ڪوارٽر ۾ ڪجهه ملازمن جا ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيا آهن جنهن سبب هيڊ ڪوارٽر کي فوري طور تي حفاظتي تدبيرن جي طور تي ڪجهه ڏينهن لاءِ بند ڪيو ويو آهي پر دبئي ۾ موجود آءِ سي سي اسٽاف گهرن ۾ ڪم جاري رکندا.هن چيو ته آءِ سي سي اڪيڊمي گرائونڊ ٽريننگ لاءِ محفوظ آهي ۽ آءِ پي ايل جون ٽيمون باقاعدگي سان پريڪٽس جاري رکي سگهنديون انهن کي ڪنهن به قسم جو خطرو نه آهي.