افغان فضائيا جا حملا، 30 کان وڌيڪ طالبان مارڻ جي دعويٰ

ڪابل: افغان فضائيا طرفان ڪيل حملن ۾ 30 کان وڌيڪ طالبان مارجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
افغانستان جي بچاءَ واري وزارت ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته طالبان ڇنڇر جي صبح افغان فوج جي پوزيشنن کي نشانو بڻايو هو، جنهن جي جواب ۾ اها ڪارروائي ڪئي وئي.
هوڏانهن طالبان چيو آهي ته ان فضائي ڪارروائي ۾ ٻه درجن عام شهري مارجي ويا، جن ۾ عورتون ۽ ٻار پڻ شامل آهن.
هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته قطر ۾ افغان امن ڳالهين جو سلسلو جاري آهي.
ٻئي پاسي افغان صدر اشرف غني هڪ ڀيرو ٻيهر فائربندي جو مطالبو ڪيو آهي.