پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ حڪومت جي فتح ٿي ۽ اين آر او سدائين لاءِ دفن ٿي ويو: شيخ رشيد

راولپنڊي : پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ حڪومت جي فتح ٿي ۽ اين آر او سدائين لاءِ دفن ٿي ويو، ثابت ٿي ويو آهي ته حڪومت نيب ڪيسز تي سمجهوتو نه ڪيو ۽ اپوزيشن آڏو نه جهُڪي، وفاقي وزير شيخ رشيد آهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اپوزيشن جا 38 ميمبرز گهٽ آيا، اپوزيشن کي اهڙو رڳڙو آيو جو جيڪي بلز منظور نه ٿيڻا هئا، اُهي به منظور ٿي ويا، ڪالهه بلاول ڀٽو ۽ شهباز شريف سان منهنجي ملاقات ٿي هئي، ٻئي پُرڀاش هئا، اي پي سي ۾ به ڪو وڏو فيصلو نه ايندو ۽ اپوزيشن جلسن جلوسن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڪري سگهندي، آصف زرداري جيل ڪاٽي ويندو آهي، پر نواز شريف وارن ۾ جيل ڪاٽڻ تي همت نه آهي، راولپنڊي ۾ تقريب خطاب دوران شيخ رشيد چيو ته ڀارت اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ شيعا سني فساد ڪرائڻ جي سازش ڪئي، ڪجهه ماڻهن کي گرفتار ڪري اُن سازش کي ناڪام بڻايو آهي.