وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس اڄ ٿيندو. رپورٽ موجب وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ 16 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ ڪراچي جي عوام لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جو اقتصادي رابطه ڪميٽي(اي سي سي) جو فيصلو پيش ڪيو ويندو جڏهن ته اي سي سي جي 2 سيپٽمبر جي فيصلن جي توثيق جو معاملو به ايجنڊا ۾ شامل آهي. اجلاس ۾ پائلٽس جي شڪي لائسنس جي رد ٿيڻ جي معاملي تي غور ڪيو ويندو. ۽ وفاقي ڪابينه ۾  آئيني ترميمي بل 2020 پيش ڪيو ويندو.

نيشنل ڊيزاسٽر رسڪ مينجمينت ۽ نيشنل فرٽيلائيزر ڪارپوريشن جي سي اي اوز جي مقرري جي سمري به پيش ڪئي ويندي. وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ مسابقتي ڪميشن ۾ ميمبرن جي مقرري جي سمري به پيش ڪئي ويندي ۽ سول سروس اڪيڊمي جي اسٽيٽس جو معاملو پيش ڪيو ويندو. ان کان علاوه پشاور، لاهور ۽ راولپنڊي ۾ اسپيشل ڪورٽ جي ججن جي مقررين جون سمريون به پيش ڪيون وينديون.

جديد جيل جي تعمير لاءِ اسلام آباد جي ماسٽر پلان ۾ ترميم جو معاملو به غور هيٺ ايندو. واضح رهي ته اي سي سي ڪي اليڪٽرڪ جي لاءِ بجلي 2.89 روپيه في يونٽ تائين مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي رکي آهي.